تاريخ سنڌ اول

تاريخ سنڌ اول

تاريخ سنڌ جلد اول

الف) تاريخ سنڌ جلد اول: هن جلد ۾ اعجاز الحق قدوسيءَ سنڌ جي مختصر جاگرافيائي تعارف سان گڏوگڏ تاريخ کي پندرهن بابن ۾ ورهايو آهي. پهرين باب ۾ راءِ گهراڻي، ٻئي باب ۾ برهمڻ گهراڻي، ٽئين باب ۾ هندوستان اسلام جو پهريون مرڪز، چوٿين باب ۾ بنو اميه، پنجين باب ۾ بنو عباس، ڇهين باب ۾ هباري دور، ستين باب ۾ سنڌ جون خودمختيار رياستون، اٺين باب ۾ اسماعيلي دور، نائين باب ۾ غزنوي دور، ڏهين باب ۾ غوري دور، يارهين باب ۾ غلام خاندان، ٻارهين باب ۾ خلجي دور، تيرهين باب ۾ تغلق دور، چوڏهين باب ۾ سومرا دور ۽ پندرهين باب ۾ سما دور بابت تفصيلي بحث ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو